زميندار شاهي عرف ڪمدار جا ڪارناما

زميندار شاهي عرف ڪمدار جا ڪارناما

زميندار شاهي عرف ڪمدار جا ڪارناما

زميندار شاهي عرف ڪمدار جا ڪارناما (ڪتاب): هي ڪتاب، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي لکيل هڪ طويل ڊرامي تي مشتمل آهي جنهن ۾ هن سنڌي هارين تي زميندار شاهيءَ جي ظلمن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ۽ ڄاڻايو آهي ته زميندار شاهيءَ جو مضبوط ٿنڀو ڪمدار، پنهنجي مالڪ جو کاٽائو پُٽ هئڻ جي صورت ۾، هارين تي ڪهڙا ڪهڙا ظلم روا رکي ٿو.
ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جو هي ناٽڪ، پهريون ڀيرو 1953ع ۾ ڇپيو هو. ان جو ٻيو ڇاپو 1955ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن ته ان جو ٽيون ڇاپو، حيدر پبليڪيشن بکو ديري، لاڙڪاڻي پاران، 21 مئي 1990ع تي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪرائون سائيز جي 97 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 16 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو